ڇٽو چانڊيو

ڇٽو چانڊيو: تعلقي ميرو خان ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ جي هڪ ديهه جو نالو، جنهن ۾ رسول بخش چانڊيو ۽ ڇٽو جويو ڳوٺ شامل آهن.
ڇٽو خليفو درس: خليفو ڇٽو ولد خليفو محمد قابل پلي (درس)، ڳوٺ سِگهه، تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. هن جو جنم 1275هه/ 1858ع ڌاري ٿيو. خليفو ڇٽو اعليٰ درجي جو خوشخط هو. هندي، اردو، گجراتي، فارسي ۽ عربي ٻولين جي چڱي ڄاڻ رکندو هو. سهروردي مسلڪ ۾ غوث بهاؤالدين ذڪريا جو مُريد ۽ سندس وڏن خليفن مان هو. هن 1338هه بمطابق 1919ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو